ملير جي ڳوٺن کي ليز ڏيڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ پپري ۾ احتجاجي ريلي

قومي عوامي تحريڪ جي ريلي ۾ پارٽي ڪارڪنن، واپارين ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت

ملير جي ڳوٺن کي ليز ڏيڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ پپري ۾ احتجاجي ريلي

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ پپري طرفان ملير جي قديمي ڳوٺن کي ليز ڏيڻ، بنيادي سهولتن فراهم ڪرڻ ۽ علائقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ، منان شيخ، اشفاق چنڙ، فياض اتيرو, لطيف لانگاهه ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.احتجاجي ريلي پمپ اسٽاپ کان شروع ٿي فٽبال گرائونڊ پپري تائين پهتي، جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، مقامي واپارين، نوجوانن، پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ جهنڊا هئا، جن تي “ملير جي ڳوٺن کي ليز ڏيو”، “قبضا ۽ چڙهائيون بند ڪريو”، “امن بحال ڪريو”، “بنيادي سهولتون فراهم ڪريو” ۽ “ڳوٺاڻن سان ناانصافي بند ڪريو” جهڙا نعرا لکيل هئا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙ مسلسل نعريبازي پڻ ڪندا رهيا. ريلي جڏهن فٽبال گرائونڊ پپري پهتي ته اهو هڪ وڏي عوامي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي ويو، جتي ، منان شيخ، اشفاق چنڙ ۽ فياض اتيرو، لطيف لانگاهه خطاب ڪندي چيو ته ملير جا قديمي ڳوٺ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا سندن مسئلن ڏانهن سنجيدگي سان ڌيان نٿا ڏين. هنن چيو ته اڄ به ڪيترائي ڳوٺ ليز کان محروم آهن، جنهن سبب مقامي ماڻهو سخت پريشاني ۽ بيچيني جو شڪار آهن.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملير ۾ زمينن تي قبضا، چڙهائيون، منشيات، چوريون ۽ بدامني جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملير جي سڀني قديمي ڳوٺن کي ترت ليز ڏني وڃي، پاڻي، بجلي، گئس، روڊ، صحت ۽ تعليم سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ علائقي ۾ امن امان بحال ڪري عوام کي تحفظ ڏنو وڃي.خطاب ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت عوامي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي ذميواري حڪومت ۽ انتظاميا تي هوندي. آخر ۾ اڳواڻن عوام کي اتحاد ۽ جدوجهد جاري رکڻ جي اپيل پڻ ڪئي۔