نوشهروفيروز ۾ ايس ٽي پي پاران ايڪسائيز جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ريلي

نوشهروفيروز ۾ ايس ٽي پي پاران ايڪسائيز جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ريلي

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ شهر واسي ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو، سندس بازيابي لاءِ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي منصور ميمڻ،رفيق ميمڻ،راشد ميمڻ،اعظم ميمڻ،محمد اقبال راڄپر، اسد چانڊيو، خالد چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي اڳواڻن چيو ته نوشهروفيروز شهر سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد احمد ميمڻ کي اغوا ٿئي هڪ هفتو گذري وڃڻ جي باوجود بازياب ناهي ڪرايو ويو جيڪا افسوس ناڪ ڳالھ آھي ھنن چيو سعيد ميمڻ هڪ شريف گهراڻي سان تعلق رکندڙ انسان دوست ماڻهو آهي جنهن کي بلوچستان جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو آهي جيڪو ايس ٽي پي اڳواڻ حميد سنڌي جو ڀاءُ آهي هنن مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔