منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

روهڙي واسڻ ناري سانگهڙ واسي نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 29th Jul 2025 370 مناظر
روهڙي واسڻ ناري سانگهڙ واسي نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

صفيه ابوپوٽو ۽ جان محمد ابوپوٽو نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو, تحفظ جو مطالبو

مورو (جاني جماڻي) روھڙي واسيڻ ناري سانگھڙ واسي نوجوان سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جو مطالبو روھڙي جي ڳوٺ محمود ابوپوٽو واسيڻ طلاق شده ناري صفيا خاتون ڌي امان ﷲ ابوپوٽو ۽ سانگھڙ واسي جان محمد ولد ساجن ابوپوٽو سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو پرڻي کانپوء تحفظ جو مطالبو ناري صفيا ابو پوٽو پنھنجي مڙس جان محمد ابوپوٽو سان گڏ مورو ۾ ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته منھنجي اڳ ۾ شادي عبدالوحيد کوسو سان ٿيل ھئي ان مڙس مونکي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي جنھن کانپوء مون پنھنجي مائٽ سانگھڙ واسي جان محمد ابوپوٽو سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي پسند جي شادي کانپوء اسان جا مائٽ اسان کي مارڻ لا۽ ڳولي رھيا آهن اسان جي جان کي خطرو آهي ان وڌيڪ چيو ته اسان کي تحفظ فراھم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ