پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي پاران ضلعي ٺٽي جو روحاني دورو

سنڌي خبرون 23rd Apr 2026 223 مناظر
شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي پاران ضلعي ٺٽي جو روحاني دورو

زين قريشي مڪلي، ٺٽو، گجو، گھارو، گھوڙاٻاري ۽ بين علائقن ۾ پھچي مريدن سان ملاقات ڪئي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مخدوم شاھ محمود قريشي جي فرزند محمد زين حسين قريشي پاران ضلعي ٺٽي جي روحاني دوري تي مڪلي، ٺٽو، گجو، گھارو، گھوڙاٻاري ۽ بين علائقن ۾ پھچي مريدن سان ملاقات ڪئي، جتي سوين ماڻهن توڙي غوثيا جماعت سان لاڳاپيل مريدن سندس مانائتو استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي، کيس وڏي جلوس جي صورت ۾ مڪلي تي سيد نور نبي شاھ ۽ پير سيد اقبال شاھ جي رھائش گاھ تي پھچايو ويو، جتي محمد زين حسين قريشي پاران مريدن سان ملاقاتون ڪري دعا خير گھري. ان موقعي تي پير نور نبي شاھ ۽ پير اقبال شاھ پاران محمد زين حسيني قريشي پاران سندن رھائس گاھ تي وٽن اچڻ تي سندس دل دل سان سندن ٿورو مڃيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ