پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

صحت کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي

سنڌي خبرون 09th Apr 2026 363 مناظر
صحت کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي

ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڍي وئي، مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جي به شرڪت

قمبر (رپورٽر) صحت کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ،اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر حبيب شاھ ،ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڊاڪٽر سرتاج احمد جج ،عمران علي ٻرڙو ،ڊاڪٽر رضيا سلطانه جروار ،سرسو قلندر بخش ڪورائي،سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ تعلقا آفيسر عامر علي لاکو، بي سي ايف ٽيم سيد نديم حسين شاھ، وحيد علي ميمڻ، سرسو زاهد حسين ميمڻ، ڊاڪٽر صدام حسين ڀٽو ڊسٽرڪٽ ٽي بي آفيسر، آر ايس ڊي او جي صدر اخلاق احمد چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ريلي جو مقصد ماڻهن ۾ ٽي بي جهڙي خطرناڪ بيماري بابت شعور پيدا ڪرڻ ۽ ان جي بروقت سڃاڻپ ۽ علاج جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي ٽي بي هڪ قابل علاج بيماري آهي، بشرطيڪه مريض وقت سر ٽيسٽ ڪرائي ۽ مڪمل علاج جاري رکي. هنن عوام تي زور ڏنو ته کنگھ، بخار يا وزن گهٽجڻ جهڙين علامتن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ۽ فوري طور ويجهي صحت مرڪز سان رابطو ڪيو وڃي ۽ سماج مان ٽي بي جي خاتمي لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ