پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

فاطمه ڦرڙو ڪيس، حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ ڇاپا

سنڌي خبرون 13th Sep 2023 354 مناظر

خيرپور پوليس جو ڪراچي پوليس سان گڏجي ڊفينس خيابان شمشير ۾ گھري تي ڇاپو

راڻيپور جي 10 ورهين جي نينگري فاطمه ڦرڙو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا، خيرپور پوليس جو ڪراچي پوليس سان گڏجي ڊفينس خيابان شمشير ۾ گھري تي ڇاپو، پوليس پاران فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن حنا شاھ ۽ فياض شاهه جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي ڇاپي دوران ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي پوليس ذريعن موجب ڪارروائي فياض شاهه جي ڀاءُ نياز شاهه جي گهر تي ڪئي وئي، جوابدارن گرفتاري جي خوف کان پنھنجا موبائيل فون بہ بند ڪري ڇڏيا آھن، ٽيڪنيڪل سپورٽ جي مدد سان جاچ کي اڳتي وڌائي رھيا آھيون،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ