منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد مسئلن جي ور چڙهيل، 31 آگسٽ تي اي پي سي طلب

سنڌي خبرون 26th Aug 2025 299 مناظر
ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد مسئلن جي ور چڙهيل، 31 آگسٽ تي اي پي سي طلب

پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي: فيصلو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 31 آگسٽ آچر ڏھاڙي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اھڙو فيصلو مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنھن ۾ ف ليگ جي پي ايس 84 جي سينئير نائب صدر صفت علي شاهه، سول سوسائٽي ڀٽائي آباد جي چيئرمين گل حسن سومري، جماعت اسلامي گلستان جوھر جي ناظم انور صالح، ف ليگ پي ايس 84 جي ايڊيشنل سيڪريٽري بخش علي جھانگر، ڀٽائي آباد وارڊ 3 جي ناظم امين سومري، ڌڻي بخش جي ناظم برڪت علي ميراڻي، طارق مشتاق ، جسٽس آف پيس فريد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ يوسي جا چونڊيل نمائندا عوام جي اميدن تي پورو نه لٿا آهن ۽ علائقي کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏيو ويو آهي،هاڻ سموريون سياسي ۽ سماجي قوتون عوام سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪنديون۔ اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته اي پي سي سياسي وابستگين کان مٿڀري ھوندي، علائقي جي بهتري لاءِ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ