منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

مٺي هاءِ اسڪول جي استاد گل محمد بجير جي رٽائرڊ ٿيڻ تي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 15th Jan 2026 257 مناظر
مٺي هاءِ اسڪول جي استاد گل محمد بجير جي رٽائرڊ ٿيڻ تي تقريب منعقد

استاد گل محمد بجير کي گلن جا هار پارايا ويا، روايتي لوئيون اوڍايون ويون ۽ اسڪول کان گهر تائين قافلي ۾ پهچايو ويو

مٺي (رپورٽر) گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي ۾ استاد گل محمد بجير جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سندس خدمتن کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ هڪ باوقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر شمس الدين راٺوڙ، ارجن لال سوٽھڙ،ماما وشن ٿري ، ايڊوڪيٽ سبحان سميجو ، ٽي اي او عطا الرحمان، غلام محمد محمداڻي، تاج محمد بجير ، هدايت الله بچاڻي، ڪيلا لوڍا، جيتيش راٺي ، اسلم بجير، ايڊووڪيٽ عاشق علي، نياز محمد، اڪرم لاھوتي، سجاد خميساڻي ، هنيش راٺي ، گينو مل، باغ علي خميساڻي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي جي اسٽاف شرڪت ڪئي.تقريب دوران استاد گل محمد بجير کي گلن جا هار پارايا ويا، روايتي لوئيون اوڍايون ويون ۽ اسڪول کان سندس گهر تائين قافلي ۾ پهچايو ويو.انهي موقعي تي ڳالهائيندي شرڪت ڪندڙن چيو ته استاد گل محمد بجير بهتر استاد ، مخلص انسان ۽ شاگردن جو خيرخواهه رهيو. هن پنهنجي پوري سروس دوران ايمانداري ۽ محنت جو عملي مثال قائم ڪيو. اهڙا استاد ادارن جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي علم جي روشني پکيڙيندا آهن. استاد گل محمد بجير جو رويو ۽ سٺو اخلاق ھميشج هڪ مثال رهندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ