پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي سماجي اڳواڻ الطاف شاه شيرازي جي ايس ايڇ او ٺٽو سان ملاقات

سنڌي خبرون 11th Jan 2026 243 مناظر
ٺٽي جي سماجي اڳواڻ الطاف شاه شيرازي جي ايس ايڇ او ٺٽو سان ملاقات

ٺٽي جي عوام کي ڊگهي عرصي تائين بي وقوف بڻايو ويو، الطاف شاهه شيرازي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)پنهنجن ذاتي مفادن خاطر عوام کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي اصل معاملن ۽ مسئلن کي منجهائڻ ۽ حقيقتن تان پردو رکڻ جي ڪوششن سبب ٺٽي جي عوام کي ڊگهي عرصي تائين بي وقوف بڻايو ويو، اهڙو اظهار امن جي سفير ۽ ٺٽي جي معروف سماجي شخصيت سيد الطاف شاه شيرازي ايس ايڇ او ٺٽو زياد نوناري سان ٺٽو ٿاڻي تي ملاقات دوران ڪيو. سيد الطاف شاه شيرازي چيو ته ڪجهه عنصر پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حقيقتون سامهون آڻڻ انتهائي ضروري آهن. هن ايس ايڇ او ٺٽو زياد نوناري کي خراج تحسين پيش ڪندي جس ڏنو ۽ چيو ته هن بهترين حڪمت عملي، پيشه ورانه صلاحيت ۽ محنت سان سونارن واري چوري جو اصل پردو فاش ڪري قانون جي بالادستي جو ثبوت ڏنو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون ڪارروائيو نه صرف عوام جو اعتماد بحال ڪن ٿيون پر ڏوهن جي روڪٿام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. آخر ۾ سيد الطاف شاه شيرازي اميد ظاهر ڪئي ته پوليس اهڙي ئي ايمانداري ۽ بهادري سان مستقبل ۾ به عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ