پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊکڻ: بڊاڻي ٿاڻي جي حد ۾ عدت مان نڪتل ناري ڪارنهن تهمت مڙهي قتل

سنڌي خبرون 06th Aug 2023 251 مناظر

ناري جي ڀائرن ۽ سئوٽن مخالفن تي الزام هڻڻ لاءِ ناري کي قتل ڪيو: چوٻول

ڊکڻ: بڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد لولائي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل ، جوابدارن ننڊ ستل بيواھ وحيده زال ارشاد لولائي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدارن جو برادري ۾ ماڻهن سان معمولي ڳالھه تان تڪرار هلندڙ هو، جن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ناري کي قتل ڪيو ويو، ناري جو مڙس 4 مهينا اڳ فوت ٿي ويو کي س هڪ پٽ جو اولاد آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي سندس ڀائرن ۽ سئوٽن محمد رمضان عرف پپن لولائي، ميرحسن لولائي، سيف الله لولائي، خان محمد لولائي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ