پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڳڙهي ياسين ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اهلڪار دم ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 25th Aug 2023 316 مناظر

ڊکڻ ناڪي وٽ هوٽل تي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو هو، زخمي اهلڪار لکمير جعفري اڄ دم ڏنو

شڪارپور ( احسان ابڙو )ڪجه ڏينهن اڳ ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڊکڻ ناڪا وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار لکمير جعفري اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهادت جو وڏو درجو حاصل ڪري ورتو.شهيد جي جنازي نماز پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ مڪمل سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي.شهيد جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ صاحب شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پوليس جي چاڪ و چوبند دستي شهيد کي سلامي ڏني. ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ شهيد جي تابوت تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا ڪئي.جنازي نماز ۾ DIB انچارج شاہ جھان شاہ، DSP ظھور احمد سومرو, DSP جاوید احمد شیخ، DSP عبدالواحد ٻرڙو، DSP سید وریل شاہ اور DSR رینجرز جھانزیب خان سمیت ٻين پولیس آفيسرن به جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ شهيد جي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد جي قيمتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، شهيد اهلڪار جي پيءُ سان ڳالهائيندي واضح چيو ته شهيد جو رت رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث عناصرن کي جلد کان جلد بي نقاب ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ