اجلاس ۾ سڄي ضلعي جي امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو
سجاول.(رپورٽر.)ايس ايس پي سجاول علينہ راڄپر جي سربراهي ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس منقعد ڪيو ويو. سڄي ضلعي جي امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ايس ايس پي سجاول سڀني ايس ايڇ اوز جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو. آئي جي پي سنڌ ۽ ڊي آئي جي پي حيدرآباد رينج پاران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ قتل ۽ ٻين ڪيسن ۾ گھربل روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ڪيا. منشيات کان پاڪ ضلعو مھم جي شروعات ڪري ڇڏي. سڀني ايس ايڇ اوز کي سختي سان پابند ڪيو ويو آهي ته ٿاڻي تي هڪ پينا فليڪس لڳايو وڃي جنھن ۾ ايس ايس پي سجاول جو ڪمپلين واٽسپ نمبر 0333.3097483 ضروري لکرائين ٿاڻي تي اچڻ واري فريادين سان خوش اخلاقي سان پيش اچن ۽ ان جي شڪايت ٻڌن ۽ قانون جي مطابق حل ڪري ڏين. منشيات گھٽڪو. مائو وڪڻڻ وارن ڊيلرن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ لاء سخت ڪارروائي ڪن. آئيس. هيروئن. گھٽڪو مائو خطرناڪ قسم جي منشيات آهي ان جي استعمال ڪرڻ سان نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي ان ڪري اهڙي ڌنڌي ڪرڻ وارن ماڻھن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. سڀئي ايس ايڇ اوز موٽر سائيڪل ڦر روڊن تي ڦرون. ڌاڙو. ڦر چوري جي ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪن ۽ ڏوهن ۾ ملوث گينگ جي خلاف ٽارگيٽ ڪارروايون تيز ڪيون وڃن..انچارج ڪمپلين سيل کي هدايت ڪندي چيو ته منھنجا دروازا هر وقت کليل آهن ڪوبه ماڻھون پنھنجي ڪھڙي به مسئلي لاء رابطو ڪري ته ان کي مون سان ملايو وڃي ته جيئن ان جي شڪايت جو ازالو ڪري سگھجي. ايس ايس پي سجاول psrms جي ذريعي ٿاڻن جي آن لائن رڪارڊ کي مينٽين ڪرڻ ۽ پوليس اسٽاف جي پوائنٽن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ تي به زور ڏنو وڃي. ميٽنگ ۾ سڄي ضلعي جي سڀني ايس ڊي پي اوز. ايس ايڇ اوز ۽ چوڪي انچارجن شرڪت ڪئي
0 تبصرے