ملير: گلشن حديد ۾ ڦر دوران شهرين جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ سوگها، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ملير: گلشن حديد ۾ ڦر دوران شهرين جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ سوگها، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ملير (ڊ ر) گلشن حديد ۾ ڦورن پاران ڦر جي ڪوشش، ڦورن جي فائرنگ ۾ دڪاندار زخمي، شهرين ٻن ڦورن کي پڪڙي کين مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو، پوليس زخمي ڦورن کي طبي امداد لاءِ اسپتال موڪليو، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، گوليون ۽ موٽر سائيڪل هٿ، ڪيس داخل، خبر موجب: اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد فيز 2 ويجهو ڦورو دڪاندار کان ڦر ڪري رهيا هئا ته دڪاندار پاران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ دڪاندار گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد علائقي واسين ڦورن کي پڪڙي کين مارڪٽ ڪرڻ بعد اسٽيل ٽائون پوليس حوالي ڪيو، پوليس موجب ڦورو صبح جو ڊيوٽي ويندڙ شهرين کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي شهرين گڏجي ٻنهي ڦورن کي سوگهو ڪري ورتو، شهرين پاران پڪڙيل ڦورن جي سڃاڻپ ياسين ۽ مختيار جي نالن سان ٿي آهي، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، گوليون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي، جوابدارن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.