English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نادر ڏيرو فل فراءِ
views
|
24th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري پوليس طرفان ڏوھارين سان مبينا مقابلو، مقابلي دوران زخمي حالت ۾ ھڪ جوابدار نادر ڏيرو گرفتار ڪرڻ جي دعوا، پوليس طرفان زخمي کي اسپتال منتقل ڪرڻ بعد مبينا زخمي جوابدار زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ڏوڪري پوليس طرفان نادر ڏيرو مٿان 35 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مليل معلومات موجب ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري دلي جان مگسي جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پوليس طرفان محرابپور روڊ تي ڏوھارين سان مبينا پوليس مقابلي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل جوابدار نادر ڏيرو مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر موجب محرابپور روڊ تي گشت دوران ڏوھارين سان مقابلي ٿيو، مقابلي دوران نادر ڏيرو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي تعلقه اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو، جتي ھو فوت ٿي ويو. ڊي ايس پي ڏوڪري امداد ٽالپر موجب نادر ڏيرو مٿان اغوا، ڦر، ڌاڙن، چورين ء اقدام قتل جا 35 ڪيس داخل ٿيل ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسي ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ايس ڊي او سيپڪو محمد ودود بدلي، سندس جي جاءِ تي اختيار سوهو مقرر
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے