English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
268 views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي، ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏنا ويا آهن
پڊعيدن(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين ماڻهن ڏئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکڻ جي سازش آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي. انھي ڪري اھو منصوبو ڪنھن بہ ريت سنڌ جي عوام کي قبول ناھي. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي، انڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي بہ نٿو ڏنو وڃي. پنجاب ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. سنڌ کي پاڻي جو حساب سميت تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي لٽيل دولت جو حساب سنڌ جي ماڻهن کي ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ڪارپوريٽ فارمنگ
پڊعيدن
AYAZ LATIF palijo
0 تبصرے