پڊعيدن گرلز ڊگري ڪاليج ۾جشن آزادي جو پروگرام منعقد، پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو آزادي بابت ٿيندڙ پروگرامن تي روشني وڌي

پڊعيدن گرلز ڊگري ڪاليج ۾جشن آزادي جو پروگرام منعقد، پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو آزادي بابت ٿيندڙ پروگرامن تي روشني وڌي

نوشهروفيروز(ڊر) گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن ۾جشن آزادي پروگرامن جي سلسلي جو ڇهون پروگرام آزادي ڪوئيز جو فائينل رائونڊ منعقد ڪيو ويو.پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي, جنهن جي سعادت شاگردياڻي مهڪ منگي حاصل ڪئي.ان بعد پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو آزادي بابت ڪاليج ۾ ٿيندڙ پروگرامن تي روشني وڌي ۽ ڪوئيز جي رولز اينڊ ريگيوليشنز بابت شرڪاء کي آگاھ ڪيو.هن اهو به اعلان ڪيو ته هن پروگرامن جي ونر ٽيم کي ڪاليج طرفان انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا, اهڙيء طرح پهريون سوال پڇي هن مقابلي جو آغاز ڪيو.هن مقابلي جون ڪوئيز ماسٽر مهڪ ۽ ناديه هيون.پروگرام ۾ ججز جو پئنل مئڊم ساجده راڄپر, مئڊم زوبيه عباسي ۽ مئڊم سپنا ستاره تي مشتمل هو.هن مقابلي جا ٻه رائونڊ هليا ۽ ھر رائونڊ ۾ هر ٽيم کان ڏھ ڏھ سوال پڇيا ويا.ججز جي اعلان مطابق ٽيم بي هن مقابلي جي ونر رهي, جيڪا شاگردياڻين ماهم, آسره امان ۽ نائله تي مشتمل هئي, جڏھن ته ٻيون نمبر قرار ڏنل ٽيم ۾ سورٺ حور ۽ مقدس شامل هيون.کٽيندڙ ٽيم کي چوڏنهن آگسٽ جي ڏينهن تي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا هن سموري پروگرام کي پروفيسر توقير احمد آرگنائيز ڪيو.