ريلي جي اڳواڻي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ سيد صفدر علي شاهه ڪئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ جي زيـرِاهتمام معرڪۂ حق ۽ جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان زيدي هائوس عمرڪوٽ ۾ پروقار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ سيد صفدر علي شاهه ڪئي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي سيد صفدر علي شاهه چيو ته 14 آگسٽ، يومِ آزادي جو ڏينهن اسان کي آزاديءَ جي نعمت ۽ انهن قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي اسان جي بزرگن پاڪستان جي قيام لاءِ ڏنيون، هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي متحد ٿي وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ڏياري ٿو، سيد صفدر شاهه پاڪ فوج کي سلام پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون ۽ خدمتون ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ جي ضمانت آهن، هن وڌيڪَ چيو ته زنده قومون پنهنجن هيروز کي ڪڏهن نه وسارينديون، ۽ اڄ اسين انهن سڀني شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پاڪستان جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون جانيون نذراني طور پيش ڪيون، ان موقعي تي موهن لال موتي، پون ڪمار، سيد شاهجهان علي شاهه، حسنين شاهه ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا.
0 تبصرے