نوشھروفيروز(ڊ ر) مٺياڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان ساجد علي چانڊيو معاشري جي بي رحمي ۽ بيقدري نوڪري نه ملڻ سبب پنهنجون سموريون ڊگريون باھ ڏئي ساڙي ڇڏيون.رابطو ڪرڻ تي اعلي تعليم يافته نوجوان ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن معاشري م ڪرپشن عام هجي ۽ ميرٽ کي پائمال ڪري پئسن تي نوڪريون حاصل ڪيون وڃن اتي مون جهڙي غريب جي ڊگرين جي ڪهڙي ضرورت آهي ان ڪري هن پنهنجي سمورين ڊگرين کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيون.
0 تبصرے