ڪراچي ۾ اقليتن جي قومي ڏينھن جي موقعي تي ٻارن جي حقن بابت شاندار تقريب
عمرڪوٽ /ڪراچي(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قومي اقليتي ڏينھن جي سلسلي ۾ قومي ڪميشن براءِ ٻارن جي حقن (NCRC) پاران مقامي هوٽل ۾ شاندار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي مشير وزيراعليٰ سنڌ براءِ انساني حقن راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب دوران پاڪستان ۾ ٻارن جي حالت بابت رپورٽ 2024 جو صوبائي اجراءُ ڪيو ويو ۽ پاڪستان ۾ اقليتي مذهبن سان واسطو رکندڙ ٻارن جي صورتحال تي گروپ بحث به ٿيو، راجوير سنگھ سوڍو چيئرپرسن NCRC ۽ سندس ٽيم جي ٻارن جي حقن جي واڌاري ۽ شموليت جي فروغ لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت مؤثر پاليسين ۽ ڀائيواري ذريعي اسان جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، تقريب ۾ صوبائي مشير براءِ اقليتي معاملن ڊاڪٽر لالچند اوڪراڻي، ٻارن جي حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا پڻ موجود هئا.
0 تبصرے