English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪورٽ ۾ جانورن تي غيرقانوني ٽيڪس وصولي خلاف عدالت ۾ درخواست
358 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٽي ايم سي ابراهيم حيدري ٺيڪو قاعدن تحت جاري ناهي ڪيو: وڪيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) کير ڏيندڙ جانورن تي ٽيڪس چنگي جو غيرقانوني ٺيڪو ختم ڪرائڻ لاءِ ملير ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ شاه زمان جوڻيجو درخواست داخل ڪئي آهي جنھن ۾ هن مؤقف اختيار ڪيو آهي ته ٽي ايم سي ابراهيم حيدري پاران ٺيڪو سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قاعدن تحت جاري نه ڪيو ويو، 24 ڪروڙ رپين جي ٺيڪي لاءِ بولي 12.5 ڪروڙ مقرر ڪري 14 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪيو ويو۔درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ به ساڳئي ٺيڪي ۾ مبينه ڪرپشن تي اينٽي ڪرپشن سنڌ ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جڏهن ته نيب جي انڪوائري به رڪارڊ تي موجود آهي۔ انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته جانورن تي ٽيڪس وصولي ۽ ٺيڪو ڏيڻ جو اختيار قانوني طور ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن وٽ آهي۔مزید چيو ويو ته 2024 ۾ سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل گزٽ نوٽيفڪيشن موجب هي ٺيڪو ڪي ايم سي جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو ۽ ٽيڪس جو ريٽ به مقرر ڪيو ويو آهي، پر ٺيڪيدار وٽ ٽيڪس ريٽ جي تعين جو ڪو به قانوني ثبوت موجود ناهي۔درخواست گذار عدالت کان استدعا ڪئي ته ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جو ٺيڪو غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني ٽيڪس وصولي بند ڪرائي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ڪورٽ ۾
جانورن تي غيرقانوني
malir court
0 تبصرے