English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: صحافين پاران گلوبل اسٽيٽ آف ڊيموڪريسي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار
269 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پي ايف يو جي، ڪي يو جي ڊبليو ۽ انٽرنيشنل آڊيا رپورٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ورڪرز (KUJ-W) جمهوريت جي عالمي اداري ۽ چونڊن جي سهڪاري (International IDEA) جي جاري ڪيل “گلوبل اسٽيٽ آف ڊيموڪريسي رپورٽ 2025” تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔ رپورٽ موجب دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به صحافتي آزادي پنجاهه ورهين ۾ هيٺين سطح تي پهچي وئي آهي يونين جي عهديدارن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ صحافت ڪيترن بحرانن جو شڪار آهي۔ قانونن کي هٿيار بڻائي صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔ حڪومتن جي دٻاءَ سبب اخبارن جي اشاعت جا خرچ وڌي ويا آهن ۽ سرڪاري اشتهارن جي بندش پرنٽ ميڊيا کي سخت متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا سياسي اثر ۽ ڪارپوريٽ گرفت ۾ جڪڙيل آهي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ميڊيا مالڪ صحافين جو استحصال ڪن ٿا، مهينن تائين تنخواهون روڪي رکن ٿا، روزگار ۾ بيچيني وڌي وئي آهي ۽ اختلاف ڪندڙ صحافين کي بليڪ لسٽ يا برطرف ڪيو وڃي ٿو۔ سخت مهانگائي سبب صحافين لاءِ پنهنجن خاندانن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي صحافي اهو شعبي ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پي ايف يو جي ورڪرز جي سيڪريٽري جنرل راجا رياض ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي صدر فواد محمود حڪومت کان گهر ڪئي ته صحافت ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
International IDEA
PFUJ
KUJ-W)
گلوبل اسٽيٽ آف ڊيموڪريسي رپورٽ 2025
0 تبصرے