عمرڪوٽ ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس جي استادن ۽ ملازمن پاران احتجاج

استادن ۽ ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

عمرڪوٽ ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس جي استادن ۽ ملازمن پاران احتجاج

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي استادن ۽ ملازمن کي گذريل 3 مهينن کان پگهارون نه مليون، استاد ۽ ملازم سراپااحتجاج، فوري طور پگهارون جاري ڪرڻ جو مطالبو، تفصيلي رپورٽ موجب عمرڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن جي تنظيم سئوٽا ۽ ٽنڊوڄام ملازم ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سئوٽا جي صدر ڊاڪٽر فهد نظير کوسو، ڊاڪٽر جاويد گاڏائي، ڊاڪٽر خالد ٽالپر، ڊاڪٽر فرمان چانڊيو محمد سليم چانگ، ۽ ملازم ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻن اصغر خاصخيلي، عبدالحئي ڀٽو، , رحمت الله ڪنڀر، گل حسن مڱريو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو عمرڪوٽ ضلعو تعليم جي ميدان ۾ سموري سنڌ ۾ سر فھرست آھي ۽ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ جي تياري ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن مان شاگرد ھتي تعليم پرائڻ اچن ٿا، ھاڻي عمرڪوٽ ضلعي جي سول سوسائٽي، وڪيل برادري توڙي چونڊيل نمائندن تي فرض ٿئي ٿو ته اھي زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي ملازمن جون پگهارون جاري ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ملازمن جون پگهارون جاري ٿي سگھن ۽ جيڪڏھن پگهارون جاري نه ٿيو ته يونيورسٽي ڪئمپس بند ٿيڻ جو خدشو آھي جنھن سان لڳ ڀڳ 12 سئو شاگردن جي تعليم متاثر ٿي سگهي ٿي، ھنن چيو ته عمرڪوٽ ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي جي انتظاميه غيرسنجيدگي جا ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 3 مهينن کان ڪئمپس جي استادن ۽ ملازمن جون پگهارون نه مليون آهن، پگهارون نه ملڻ ڪري ھندو ڪميٽي توڙي مسلم استاد ۽ ملازم فاقاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن جا ٻچا لنگهڻ پيٽ ويٺا آهن، جڏھن ته اقليتي استادن جو وڏو تھوار پڻ اچڻ وارو آهي ۽ جيڪي انھن کي پگھارن نه مليون ته انھن جون خوشيون پڻ متاثر ٿينديون، جڏھن ته ملازمن ۽ استادن جون پگهارون نه ٿيڻ ڪري ڪلاس بند آهن ۽ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿئي رهي آهي ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي، ھن چيو ته عمرڪوٽ ڪئمپس جا استاد ۽ ملازم گذريل 19 ڏينهن کان مسلسل احتجاج تي آهن ملازمن جي احتجاج جي باوجود ٽنڊوڄام جي انتظاميه، ايڇ اي سي توڙي سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي چُري، ھن چيو ته اڄ اسان مجبور ٿي ڪري عمرڪوٽ پريس ڪلب تي پهتا آهيون، ڪئمپس جي وجود جو سوال آهي جيڪڏهن پگهارون جاري نه ڪيون وينديون ته مجبورن ڪئمپس کي استاد ۽ ملازم تالا لڳائيندا، ھنن ايڇ اي سي، سي ايم سنڌ، منسٽر آف ايگريڪلچر کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي استادن ۽ ملازمن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪئمپس کي تالا هڻي سخت تحريڪ هلائينداسين ۽ احتجاجي دائرو وسيع ڪيو ويندو.