English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، تخليقڪارن جون نڪور تخليقون پيش
79 views
|
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ تخليقڪارن شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي سيد غفور شاھ تقوي جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ تخليقڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اصغر مهرائي، قمبر ٻٽ، مجيب سنڌي، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، عبدالخالق ڀٽي، عبدالغفار عبد، سامي ميمڻ، فيض حسين، ذوالفقار جوکيو، اقبال ڪلمتي، برڪت شاهه، الله بخش سولنگي ۽ نادر وسير سميت ڪيترائي علمي ادبي شخصيتون شامل هيون اجلاس دوران تخليقڪارن پنهنجون نڪور تخليقون تنقيد ۽ جائزي لاءِ پيش ڪيون. سڪندر سرواڻ جي ڪهاڻي تي صدارتي راءِ ڏيندي سيد غفور شاھ تقوي چيو ته سڪندر سرواڻ جي ڪهاڻي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي اهنجن ۽ تڪليفن کي نمايان نموني بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي جي ٻولي به نهايت سٺي ۽ اثرائتي آهي.شاعريءَ تي ڳالهائيندي سيد غفور شاھ تقوي وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۾ سٺا تخليقڪار شامل آهن، جيڪي نه رڳو خوبصورت شاعري ڪري رهيا آهن پر ادب جي واڌ ويجهه لاءِ به سرگرم آهن. گڏجاڻي جي ڪارروائي شاخ جي سيڪريٽري اصغر مهرائي هلائي اجلاس جي آخر ۾ نامياري اديب جامي چانڊيو جي والده جي وفات تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت ملير جا ساٿي جامي چانڊيو جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
0 تبصرے