English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن، ٻنھي ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو محمد خان ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ۽ يوم لطيف جي عنوان سان جلسو منعقد
ٽنڊو جان محمد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ پاران ٽنڊو جان محمد ۾ محبت سنڌ ۽ يوم لطيف جو عنوان سان جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، اياز لطيف پليجي جو ميرواھ گورچاڻي، انب موري، ڊگھڙي ۽ ٽنڊو جان محمد پھچڻ تي آبادگارن، شھرين، مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن، وڪيلن، سول سوسائٽي جي ماڻهن گلن جي ورکا ۽ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. ٽنڊو جان محمد ۾ ڪرپشن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي، فصلن جا اگھ ڪيرائڻ ميرٽ جي لتاڙ، بدامني لاقانونيت خلاف قائمخاني اوطاق کان اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پياد مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندو جڏهن مير خدا بخش چوڪ وٽ پھتو جتي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن، ٻنھي ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي. حڪمران صوبن ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪري اھم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاھين ٿا جيڪڏھن غزا ۾ لکين ماڻھو شھيد ڪرائي نسل ڪشي کي روڪڻو ھو تہ جنگ ڇو شروع ڪئي وئي. سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي وانگر ملازمن جي تحريڪ سان بہ دوکو ڪيو ويو آھي. ڪا بہ اھڙي ترميم قبول نہ ڪئي ويندي جيڪا سنڌ جي وحدت تي حملي آور ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب کان ملندڙ امداد عوام تائين پهچڻ گهرجي. ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ جبر سان نہ پر برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون ڇو نٿيون ٻڌن؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون وڪڻڻ، نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ غيرقانوني عمل آهن. وفاقي حڪومت جي فارمنگ ۽ درياءِ سنڌ تي نون ڪينالن جي منصوبن کي رد ڪريون ٿا. پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو جڏهن دهشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو. سردارَن ۽ وڏيرن نياڻين جي تعليم ۽ روزگار جا در بند ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيءَ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آهن؟ چار سؤ ڪلوميٽر ڊگهي سامونڊي حد رکندڙ سنڌ بيروزگاريءَ ۾ تڙپي رهي آهي. سنڌ کي ريگستان بڻائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ عوام سان دشمني آھي. سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهيءَ کان نجات ڏيارڻي پوندي. زمينن، وسيلن، امن ۽ سنڌو درياھ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. وفاقي حڪومت سنڌ جا وسيلَ ۽ معدنيات لٽڻ بند ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ مفاد پرست حڪمرانن سنڌ کي ڏوھن ۽ قبيلائي جھيڙن جو مرڪز ٺاھي ڇڏيو آھي. ججن ۾ ٽڪراء عدالتي نظام ۽ ملڪ جي مفاد ۾ بلڪل ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي رڳو پنڻ ۽ پئسا ڏئي نوڪري وٺڻ سيکاريو آهي. جيڪو سنڌين جو ڪيريئر تباھ ڪرڻ جي سازش آهي سنڌي جيڪي دنيا جا فاتح ھئا جن ڳاٽ جا اونچا ھئا امن،جدد جا دائي ھئا علمبردار ھئا ترقي، ڀائيچاري، محبت جا انھن سنڌين کي ھٿ ۾ ڪشتو مايون مرد سڀ ويٺا پنن. بجلي جي ڪنڊي، نوڪري جي بدلي ۾ جهليا پيا آهن. سارين جي اگھ نه ملڻ تي لڳا پيا آهن، استاد، شاگرد جا احتجاج سڀ ڏسو پيا۔ آبادگار، سرڪاري ملازم سڀ احتجاج تي آهن، سنڌين لاءِ روزگار ۽ ترقي جو رستو بند ڪيو ويو آهي. سنڌيو توهين مالڪ آهيو توهين بادشاھ آهيو توھان هن خزاني جا ڌڻي آهيو زمين ۾ پوريل خزانا، وسيلا، گئس، پئٽرول، ڪوئلو، پاڻي سڀ توهان جو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪامياب اھي ٿيندا، جن کي شڪستون، نفرتون، دوکا ۽ مھڻا ويھاري نہ سگھن، جيڪي رڪاوٽن مان رستا بڻائي سگھن، جيڪو خطرن ۽ چيلينجن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو سمجھي، لڳاتار ھلندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو شاھ لطيف دنيا جو نرالو ۽ عظيم شاعر آهي شاھہ لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف ھڪڙو مفڪر، عاشق، فلاسفر، شاعر آهي دين دنيا جو، ھنن زمانن جو، ھن ڪائنات جو يونيڪ ماڻهو آهي. اھي ڳالھيون ڪري ٿو جيڪي ٻيا نٿا ڳالھيون ڪري سگهن، نٿا سوچي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ لطيف جا ھيروز مرد نہ عورتون ڪنڀارن، ڌوٻياڻي، ٿرياڻي، موھاڻي، جهانگياڻي اھي عورتون جن کي پاڻ ڪنڌ موڙھي بہ نہ ڏسون پر لطيف ان کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شاھہ لطيف عورت جي چپن ۽ ڳلن، قد ۽ ابرو جي بجاءِ بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي شاھ لطيف اشرافيه نہ پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو، اسان کي شاھ لطيف پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، لاقانونيت ، بدامني، ڌاڙيل ڪلچر، منشيات، بي روزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ لٽ تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي تباھي جا منصوبا آھن. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض درياھ ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ماڻھو سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بيڊگورننس جي ڪري بحران ۽ مسئلا آھن. ڪرپشن وڏو مسئلو آھي، سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي ھٽايو وڃي. ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪرڙ رٻاڙي خطاب ڪندي چيو تہ گذريل ڏينهن وارھ شھر ۾ ڏينهن جو کلي عام واپارين کان ڦر ڪري آسماني فرار ٿي ويا اتر ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. ڪچي جا ڌاڙيل سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. قتل ڪن ٿا ۽ پڪي جا ڌاڙيل سنڌ جي دولت لٽي رھيا آھن. ڪرپشن ڪري رھيا آھن. وسيلن جي ڀينگ ڪري رھيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. صحت جون سهولتون ناھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. روڊ ٽٽل آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر شوڪت نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ توھان کي ڪئنال ٺاهڻ ڪون ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي تہ ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجھ نہ ڪري سگهندا،اهو غلط تاثر آهي. ڪينالن خلاف سڄي سنڌ اٿاري بيھاربي،اوھان آڏو ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان تاريخي مزاحمت وري شروع ڪنداسين توھان کي غلط فھمي آھي تہ سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو تہ پ پ سنڌ جي قيمت ادا ڪري حڪومت ورتي آھي، سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ ٻڌائين تہ انھن کي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آھي سنڌ جي خوشحالي جو يا سنڌ جي تباھي جو. درياھ سان سنڌ آھي ۽ ملڪ آھي سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي۔ سنڌ جي وڏي تباهي ۽ بربادي ڪنهن ڪئي آهي اھا آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪئي آهي. جيڪو ماڻھو درياھ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪري ٿو، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڳالھ ڪري ٿو سنڌ حڪومت انهن ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ٿي. قومي عوامي تحريڪ مجيد ٻگھيو جي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو سنڌ جا ٻار عورتون، ھاري، مزدور، استاد، شاعر، نوجوان پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي،جنھن سان نوجوانن کي تباھ ڪيو پيو وڃي.سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي. قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ رازو ڪولھي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي، نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي. آئين ۽ قانون تي عمل نہ ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون. ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري، معاشي بحران، سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي. صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي وڃي رهيا آهن.جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مقصود ڀرڳڙي، بابو نوحاڻي، جلال بجير، زاھد گل اوٺو، حسين خاصخيلي، شاھد ڪلوئي، ارباب نوحاڻي، مير سجاد ٽالپر، ذاڪر لغاري، زاھد رمداڻ، حيدر ڀٽي، الطاف ڀرڳڙي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
ٽنڊو جان محمد
محبت سنڌ ۽ يوم لطيف جي عنوان سان جلسو منعقد
0 تبصرے