عمرڪوٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ووٽرز آگاهي پروگرام

نوجوان ووٽرز پاڪستان ۾ مستحڪم جمهوريت جي علامت آهن: سيد طيب زوار بخاري

عمرڪوٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ووٽرز آگاهي پروگرام

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عمرڪوٽ جي طرفان گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول نمبر 1 عمرڪوٽ ۾ ووٽرز آگاهي پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب زوار بخاري ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب زوار بخاري خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ووٽرز پاڪستان ۾ مستحڪم جمهوريت جي علامت آهن، انهن جي شرڪت جمهوريت کي وڌيڪ فعال بڻائي ٿي، هن چيو ته اڄ جو هي پروگرام DVEC ڪئلينڊر مطابق، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تحت ايندڙ ٽن مهينن جي عملدرآمدي شيڊول موجب منعقد ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي “ماڪ پول مشق” (Mock Poll Exercise) پڻ ڪرائي وئي، جنهن ۾ شاگردن وڏي دلچسپي جو مظاهرو ڪندي ووٽنگ جي عملي طريقي کي سکيو، ساڳئي موقعي تي شاگردن سان سوال جواب جو سيشن پڻ رکيو ويو، هن آگاهي سيشن جو مقصد عوام، خاص طور تي نوجوان ووٽرز ۾ انتخابي شعور بيدار ڪرڻ ۽ ووٽ جي صحيح استعمال بابت ترغيب ڏيڻ هو، پروگرام ۾ پرنسپال گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول نمبر ون عمرڪوٽ دليپ ڪمار، مولانا عبدالقادر جمالی، استادن پريم ڪمار درزي، خان محمد کوسو، شاگردن، تعليم ۽ اطلاعات کاتن جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندڙن ووٽ جي اهميت ۽ شفاف چونڊن ۾ عوامي شرڪت جي ضرورت تي زور ڏنو، ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي طرفان شاگردن ۾ معلوماتي مواد پڻ ورهايو ويو، ان موقعي تي سيمينار کي اليڪشن ڪميشن آفيس عمرڪوٽ جي سينيئر اسسٽنٽ جسروپ داس مالهي ۽ اسڪول جي ٻين استادن خان محمد کوسو، پريم ڪمار، دليپ ڪمار، گنگارام ۽ مولانا عبدالقادر جمالی پڻ خطاب ڪيو ۽ نوجوان شاگردن کي جمهوريت جي عمل ۾ سرگرم ووٽر طور شرڪت جي اهميت بابت آگاهه ڪيو.