English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪري مڪلي واسي شهري اغوا بعد بازياب، هڪ ڄڻو سوگهو
views
|
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جوابدارن جو پيڇو ڪري عبدالستار ڪوريجو کي بازياب ڪرائي حفيظ ڀرٽ کي پڪڙي ورتو: شهري
ٺٽو ( شفيق ڀٽي) ٺٽي کان ڪراچي ۽ سجاول توڙي حيدرآباد روڊ تي پاڻ کي ڪسٽم ۽ ايڪسائيز اهلڪار ظاهر ڪري گاڏي وارن کي کنڀي ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي جو مُک جوابدار سڳ سوڌو گرفتار, مڪلي واسي هڪ شھري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي شھرين جوابدار حفيظ ڀرٽ کي ڪار سميت پڪڙي مڪلي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، مڪلي پوليس ڊسمس ٿيل پوليس جي اهلڪار حفيظ ڀرٽ سميت 6 جوابدارن خلاف عبدالستار ڪوريجو کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا، تفصيل موجب گذريل رات دير سان مڪلي جي هڪ هوٽل تي ويٺل مڪلي واسي عبدالستار ڪوريجو قاسم ميربحر ۽ ٻين کي ڪسٽم اهلڪار سڏرائيندڙ حفيظ ڀرٽ ۽ سندس ساٿين کنڀي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عبدالستار ڪوريجو کي زبردستي هٿيارن جي زور تي ڪار ۾ وجهي اغوا ڪري وڃڻ لڳا ته سندس دوستن ۽ شھرين مزاحمت ڪري وڌي، بروقت اطلاع ملڻ تي مڪلي پوليس پهچي شھرين جي مدد سان مغوي عبدالستار ڪوريجو کي بازياب ڪرائي ورتو بروقت گينگ جو مک جوابدار حفيظ ڀرٽ کي گرفتار ڪري ڪار به تحويل ۾ ورتي وئي، حفيظ ڀرٽ جو ٻيو اهم ساٿي عبدالرزاق کوسو ۽ سندس چار نامعلوم گينگ جا جوابدار فرار ٿي ويا مڪلي ٿاڻي تي باضابطه ڪيس به داخل ڪيو ويو، حفيظ ڀرٽ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ايس ايس پي آفيسن ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪندڙ ھو جنهن کي ڪجھ عرصو اڳ نوڪري تان ڊسمس ڪيو ويو, حفيظ ڀرٽ هڪ گينگ ٺاهي ٺٽي ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين روٽن تي ڪڏھن ڪسٽم جا اهلڪار ته ڪڏھن وري ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار ظاهر ڪري مختلف ٽرانسپورٽرن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن کي روڪي جاچ جي نالي تي کنڀي اغوا ڪري وڏي رقم اوڳاڙيندا رهيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Oct 2025
•
سندھ
شرجیل انعام میمن کی الیکٹرک اور پنک ٹیکسی سروس منصوبوں پر تیز رفتار پیش رفت، ماحول دوست ٹرانسپورٹ نظام کے لیے کوششیں تیز
08th Oct 2025
•
سندھ
کراچی، سرکاری اشتہارات کی ادائیگیوں میں شفافیت کے لیے سیکریٹری اطلاعات سندھ ندیم الرحمان میمن کی زیر صدارت اہم اجلاس
08th Oct 2025
•
شوبز
اداکارہ آمنہ ملک کا تین حمل ضائع ہونے کا انکشاف
08th Oct 2025
•
شوبز
روڈ حادثے میں زخمی مشہور بھارتی اداکار چل بسا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو 12 مزدور بازياب
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ نوجوان جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪري مڪلي واسي شهري اغوا بعد بازياب، هڪ ڄڻو سوگهو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪر
0 تبصرے