English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس
199 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جو دورو ڪري صحت جي صورتحال بابت رپورٽ ڏني وڃِي: محمد ارسلان سليم
نوشهروفيروز(ڊ ر)صوبائي وزيرِ صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر ميڊم عذرا فضل پيچوهو جي هدايتن تي صحت جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو۔ اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو تہ ضلعي جي مڙني سرڪاري و نجي اسپتالن جو دورو ڪري صحت جي صورتحال بابت جلد جامع رپورٽ پيش ڪن۔ هن زور ڀريو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن، صحت کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگراني ۾ ضلعي جي سڀني سرڪاري و نجي اسپتالن، ليبارٽريز، بلڊ بئنڪن جي چڪاس سميت تمام عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪري سندن اسپتالون سيل ڪيون وڃن. ھن چيو ته جيڪي اسپتالون، ليبارٽريز يا بلڊ بئنڪون قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪن، تن کي بہ فوري طور تي سيل ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ۔ هن چيو ته ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهي غيرقانوني اسپتالون، بلڊ بئنڪون ۽ ليبارٽريز آهن، جيڪي بنا اجازت هلن پيون۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته انساني جانين سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، انڪري عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽريز، بلڊ بئنڪن ۽ ڪينولا سينٽرز خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ هن چيو ته ايڇ آءِ وي جي روڪٿام لاءِ حجامن ۽ سونارن جي دڪانن تي صفائي ستھرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ هر دفعي نئون بليڊ يا انجيڪشن (سوئي) استعمال ڪئي وڃي۔ هن صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو ته ضلعي اندر صحت کاتي جي عملي سميت جيل ۾ موجود تمام قيدين جي ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ته جيئن ان جان ليوا بيمارين جي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي۔ ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته آپريشن ٿيٽر ۾ استعمال ايندڙ اوزارن کي صحيح طريقي سان اسٽيرلائیز ڪيو وڃي، اسپتالن جو طبي فضلو ايس او پي تحت تلف ڪيو وڃي ۽ رت جي منتقلي جو عمل مڪمل ضابطن جي پيروي ڪندي سرانجام ڏنو وڃي۔ هن چيو ته ڪيمسٽ ڪنهن به پرائيويٽ شخص کي رت فروخت نٿو ڪري سگهي۔ ڊرگ انسپيڪٽر کي پڻ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪرڻ ۽ انھن خلاف قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ايڇ آءِ وي بابت عوامي آگاهي لاءِ صحت کاتو ۽ "نئين زندگي ٽرسٽ" گڏجي ضلعي اندر سيمينار منعقد ڪرائين، جڏهن ته ضلعي اطلاعات کاتو پڻ ڪيبل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي عوام ۾ جاڳرتا ۽ آگاهي شعور بيدار ڪن۔ اجلاس ۾ تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو سميت ضلعي جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم
نوشهروفيروز
0 تبصرے