English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي عملي کان 40 لک رپيا مبينا ڦر
311 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل هٿياربندن گاڏي جي رستي روڪ ڪري هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو: امير بخش خاصخيلي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)جهرڪ جي علائقي شيخ سومار جي ويجهو اهو بدامنيءَ جو وڏو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو عملو، امير بخش خاصخيلي، پنهنجي گاڏي ۾ چاليهه لک رپيا کڻي سينٽر ڏانهن وڃي رهيو هو۔رپورٽن موجب، ٽي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ماڻهن سندس گاڏي کي روڪي، هٿيارن جي زور تي رقم ڦري، موقع تان فرار ٿي ويا۔اطلاع ملندي ئي جهرڪ پوليس، اونگر پوليس ۽ ڊي ايس پي جهرڪ واقعي واري هنڌ پهتا، جڳھ جو جائزو ورتو ۽ متاثر ٿيل عملي جو بيان قلمبند ڪيو۔پوليس اختيارين موجب، واقعي جي جاچ لاءِ هڪ خاص ٽيم ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي۔ پوليس اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد ئي جوابدار گرفتار ڪري ڦريل رقم واپس حاصل ڪئي ويندي۔واقعي کان پوءِ BISP سينٽر کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مستحق عورتن کي مالي امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔واضح رهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ملڪ ڀر ۾ لکين غريب خاندانن کي مالي سهائتا فراهم ڪري رهيو آهي، پر اهڙا واقعا نه صرف اداري جي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن پر عوام جي اعتماد کي به ڌڪ پهچائي رهيا آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
16th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڏاھي ابراھيم جويو آسٽريلوي شھر نيو ڪيسل ۾ جي سالگرھھ ملھائي وئي
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي
BISP
0 تبصرے