سڄي ملڪ جيان نوشهروفيروز ۾ به جشن آزادي جوش جذبي سان ملهايو ويو

ڊي سي محمد ارسلان سليم جشن آزادي جي موقعي تي ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو

سڄي ملڪ جيان نوشهروفيروز ۾ به جشن آزادي جوش جذبي سان ملهايو ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر)سڄي ملڪ وانگر نوشهروفيروز ۾ به پاڪستان جو 78 هون آزادي جو ڏهاڙو ۽ معرڪہ حق ملهائي وئي. مکيه تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي پارڪ ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، ضلعي اينڊ سيشن جج امير علي مهيسر، ايس ايس پي روحل خان کوسو، ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نوشھرو فيروزضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي تقريب جي شرڪت ڪندڙن گڏجي قومي ترانو ڳايو، جنهن کان پوءِ پوليس ۽ اسڪائوٽس قومي جهنڊي کي سلامي ڏني. ان موقعي تي تقريب جي شرڪت ڪندڙن ٻيلي کاتي جي تعاون سان پارڪ ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. جنهن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز جي ڪميٽي روم ۾ هڪ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو، جتي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن تقريرون، قومي گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪيا. تقريب جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم بهترين تقريرون، قومي گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردن ۾ نقد انعام پڻ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان خوش قسمت قوم آهيون جو اڄ اسان پاڪستان جو 78 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. هي اسان جي قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت، انتھڪ محنت ۽ اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان کي آزادي جي قدر انهن کان ڄاڻڻ گهرجي جن کي آزادي نه ملي سگهي آھي. هن چيو ته پاڪستان مسلسل جدوجهد، ايمان ۽ پختي عقيدي تي قائم رهڻ سان حاصل ٿيو. هن چيو ته معرڪہ حق ۾ پاڪستان فوج جي فتح پوري قوم جي فتح آهي. هن چيو ته دشمن اسان تي جنگ مسلط ڪئي، پر پاڪستان جنگ ۾ عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ملڪ جو نالو سڄي دنيا ۾ مشهور ڪيو. مان پنهنجي مسلح فوج، بحري فوج، هوائي فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي هر مشڪل ۽ هر موقعي تي هر سرحد تي اسان جي محافظ طور بيٺا هئا. اسان جي شهيدن ۽ غازين هن مٽيءَ کي پنهنجي رت سان سيراب ڪري سينگاريو آهي ۽ معرڪہ حق ۽ بنيان المرصوص ۾ سڄي دنيا کي پيغام ڏنو آهي ته اسان هڪ زنده قوم آهيون. هن چيو ته قومون آرام ۽ آساني سان نه پر جوش ۽ همت سان ٺهنديون آهن. تقريب کان پوءِ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر هئا ۽ اهي پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻي رهيا هئا. ان کان پوءِ سڀئي آفيسر سول اسپتال نوشهروفيروز ۽ ضلعي جيل نوشهروفيروز ويا ۽ مريضن ۽ قيدين ۾ مٺايون، ميوا ۽ ٻيا تحفا ورهايا. اهڙي طرح ضلعي جي سڀني ننڍن ۽ وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آزادي جي ڏينهن ۽ معرڪہ حق جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.