عمرڪوٽ جي سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاھ 78 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

مرحوم وزير تعليم سيد سردار شاھ ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاھ جو چاچو، اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر علي شاھ جو ويجهو ساٿي هو

عمرڪوٽ جي سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاھ 78 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جو سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاھ عرف ٻائو شاھ 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاھ ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاھ جو چاچو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد مظفر علي شاھ جو ويجهو ساٿي رهيو، مرحوم جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وزير تعليم سيد سردار شاھ، ايم پي اي سيد امير علي شاھ، نواب يونس ٽالپر، سيد سرفراز شاھ، سيد مظفر علي شاھ سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين الياس ٿري سميت ٻين صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، بعد ۾ مرحوم کي اباڻي قبرستان بي بي مٺان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سيد غلام رسول شاھ جي لاڏاڻي تي پوري سنڌ مان تعزيت لاءِ ايندڙن جو سلسلو جاري آهي، تعزيت لاءِ پهتل صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، سينيئر صحافي امين ڏيپلائي، سجاد علي شيخ، وقاص خان يوسفزئي سميت ٻين صحافين ۽ سياسي، سماجي اڳواڻن مرحوم جي فرزند سڪندر شاھ، ڊاڪٽر نور علي شاھ، ڀائيٽن وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاھ، ايم پي اي سيد امير علي شاھ ۽ سيد سرفراز علي شاھ سان تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو جڏھن تہ تعزيت جو سلسلو جاري آھي.