English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي علمي ادبي شخصيتن پاران ٽي وي چينلن تي ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو
views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڀٽائي آباد ۾ اديب جاويد عباسي جي ٻن ڪتابن لومباس جا بونا ۽ ناني سڦوران ۽ برياني جي مھورتي تقريب ٿي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) علمي ادبي شخصيتن ٺھراءُ پاس ڪندي سنڌي اخبارن ۾ ٻارڙن جا ادبي صفحا بحال ڪرڻ ۽ سنڌي ٽي وي چينلن تان ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. علمي ادبي فورم پاران ملير جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ ناليواري اديب ۽ علمي شخصيت جاويد عباسي جي ٻن ڪتابن لومباس جا بونا ۽ ناني سڦوران ۽ برياني جي مھورتي تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي علمي ادبي فورم جي روح روان پروفيسر مشتاق مھر چيو ته شاھ لطيف کان ڇوٽڪاري جون ڳالھيون ڪندڙ ٻڌي ڇڏن ته ھو سنڌي ٻوليء جو محافظ آھي، ھن عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو ھوندي به سنڌيء ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مالڪي ڪئي. ھن چيو ته جاويد عباسي ٻارڙن جو ادب تخليق ڪري شاندار ڪم ڪيو آھي. محمد علي پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تھ اھو وڏو الميو آھي جو ادبي دنيا ۾ اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي لطيف جا انڪاري آھن. ھن چيو تھ جاويد عباسي پنھنجو قلم ٻارڙن لاءِ استعمال ڪري ٻاراڻي ادب کي جياريو آھي. جاويد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جاويد عباسي پنھنجي ڪھاڻين ۾ مُحاوريدار ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي آھي . ڪتاب جي ليکڪ جاويد عباسي خطاب ڪندي چيو تھ ھن ڪھاڻيون لکيون ناھن،پر لکجي ويون آھن, سندس چوڻ ھو ته مون پنھنجي اندر جو ٻار مرڻ ناھي ڏنو، سنڌي اخبارون ٻارڙن جا صفحا ڪڍن ته رضاڪارڻي نموني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.صدارتي خطاب ڪندي آءِ او بي ايم يونيورسٽي جي ريڪٽر ڊاڪٽر طارق رحيم سومري چيو ته اھا رسرچ آھي ته جيڪي ٻار ڪتاب پڙھن ٿا، اھي ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي تيز ھوندا آھن، جاويد عباسي ٻارڙن کي حقيقتيون ٻڌايون آھن، استاد اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ڪتاب پڙھي ٻڌائين . تقريب کي عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، جاويد مھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته نامياري اديب فتاح ملڪ جي وفات تي دعا گھري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڀٽائي آباد
ڀٽائي آباد ۾ اديب جاويد عباسي
ملير
0 تبصرے