English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد، وڳڻ ، ڄامشورو ، رتو ديرو ، سيتا روڊ ، پليجاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ريلي ڪڍيون ويون
حيدرآباد/ وڳڻ /ڄام شورو /رتو ديرو /سيتا روڊ /پليجاڻي اسٽيشن پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 16ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي پڪوڙا چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ تعلقي قاسم آباد جي صدر راجا چانڊيو، نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، امام الدين سولنگي، عليش خاصخيلي، نادر مغيري، نور حسن جمالي، راول سيال، رب ڏنو ملڪ، سجاد سنڌي، قمرالدين لاشاري، گل حسن جمالي، رمضان سولنگي ڪئي. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، آمنہ ڪنڀر، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آغا عباس پٺاڻ پڻ شريڪ ٿيا.وڳڻ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت تونيو،ضمير مغيري، علي اڪبر خاصخيلي، امير بخش خاصخيلي،انعام ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشورو ۾ اعجاز سومرو، امداد پنهور، اشفاق اشرف پليجو، ياسر رضا،نعيم شر، وسيم ڀٽو، امام بخش پنهور، تيجو مل، شبير ساند، مشتاق چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رتوديرو ۾ سڪندر لاشاري، ايڊووڪيٽ محمد اسلم سومرو، ذيشان کوکر، محمد مٺل شيخ، عرفان جلباڻي، ابراهيم مري، عبدالقيوم جيهو،ساحل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيتا روڊ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو، منور ملاح، سومر چانڊيو،اصغر رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.پليجاڻي اسٽيشن ۾ انيس الرحمن دائودپوٽي، عاشق علي کوسو، راجيش ڪمار عثمان لغاري، اياز جروار، ارشاد جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تہ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت تنيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو درياھ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ميدان تي اچن. وزير ۽ ڪامورا ملي ڪرپشن ۽ ميرٽ تباھ ڪري رھيا آھن. سنڌ وٽ تيل، گئس، بندرگاھ، درياھ، زراعت، جبل سميت انيڪ نعمتون آھن پر حڪمرانن 7 ڪروڙ عوام کي غلام رکڻ لاءِ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي آھي. سنڌ جي ماڻھن کي خراب حڪمراني مان جان ڇڏائڻي پوندي. قومي جدوجھد جي پٺ ۾ خنجر ھڻڻ لاء ۽ سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ لاءِ نفرت ۽ سنڌ ٽوڙڻ جا نعرا ھنيا پيا وڃن. جن ماڻھن جو جيئڻ مرڻ سنڌ ۾ آھي اھي درياھ ۽ زمينن لاءِ آواز بلند ڪن. راجا چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ درياھ ھليو ويو تہ 7 ڪروڙ ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا. ايندڙ نسل غلامن واري زندگي گذاريندا. حڪمران پئسو لٽي ٻاھر منتقل ٿي ويندا. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون. سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويندو. پ پ حڪمران اقتدار لاء ھر سوديبازي ڪري سگھن ٿا. سنڌ سان دشمني ملڪ سان دشمني آھي. ڌاڙيل ڪئنال ٺاھي درياھ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. چشمه جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال غير قانوني ۽ غير آئيني سنڌ دشمن منصوبا آھن. پنجاب زبردستي سڄو سال سنڌو درياھ جو پاڻي چوري ڪري ٿو. ارسا ۽ واپڊا ۾ تعصب پرست ماڻھو ويٺا آھن. پاڻي چوري ۾ پنجاب جا سھولتڪار آھن. نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي ھا ته لکين ايڪڙ زمين غير آباد نہ ٿئي ھان زراعت کي تباھ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. ھٿ وٺي ميرٽ کي ختم ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ طبقاتي تعليمي نظام آھي. پورھيت طبقي لاءِ سرڪاري اسڪول آھن ۽ حڪمران، جاگيرداري طبقي لاءِ پرائيويٽ تعليمي نظام آھي. جن وٽ پئسا آھن آھي تعليم ۽ ڊگريون خريد ڪن ٿا. پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي ويو آھي. لکين روپين کان ڪروڙين روپين تائين وڪرو ٿين ٿيون. غريب ذھين نوجوانن کي ھٿ وٺي فيل ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو آھي. اڳواڻن چيو ته 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بنجي ويندي. وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ايجنڊا تي عوام جي ترقي ناھي. ڌاڙيل راڄ قائم آھي. بدامني آھي. آئين ۽ قانون نالي ڪا شئي ناھي. سڪندر لاشاري خطاب ڪندي چيو تہ انسان دشمن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام عوام کي غلام بڻائي رکيو آھي. سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي ڪيا ويا آھن. سڄي سنڌ بدامني جو شڪار آھي. سمورا شھر آئيس، چرس، ٺري ۽ ٻي منشيات جو اڏو بنايا ويا آھن. ڀنگ لاءِ ماڻھو اغوا ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا. انيس دائو پوٽو خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. سنڌ دشمن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ريگستان بنائڻ ملڪ دشمني آھي، ملڪ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. ڌاڙيلن، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي. نور حسن جمالي خطاب ڪندي چيو تہ قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي. نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے