English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 17هين ڏينهن به مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا
views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد، ٻڍو قمبراڻي ۽ ڪلوئي سميت مختلف شهرن ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪيو ويو
حيدرآباد/ ٻڍو قمبراڻي /ڪلوئي: پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 17ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ ڳوٺ سنجر ملاح کان ريلي ڪڍي واڌو واھ چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ھوڏانھن بدين جي شھر ٻڍو قمبراڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر بچل احمداڻي، لکي ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪلوئي ۾ ضلعي صدر زاھد گل اوٺو، محمد نھڙي، پرشوتم پرمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي ۾ اڳواڻن چيو تہ مسلسل خراب حڪمراني سنڌ جي تعليم، صحت، امن تباھ ڪيو آھي. نااھل حڪمران مسئلا پيدا ڪري رھيا آھن. پ پ حڪمران 18 سالن ۾ ڪو به ماڊل ضلعو ته ڇا تعلقو به ٺاھي نہ سگھيا آھن. درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪندڙ حڪمران سنڌ جا سڄڻ ناھن. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي غريب عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن کي درياھ ۽ زمينون وڪڻڻ نه ڏينداسين، ساھ جي آخري ھڏڪي تائين جدوجھد جاري رکنداسين. ملڪ جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. ھاري، مزدور ۽ پورھيت غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن. مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ قدرتي دولت سان مالا مال آھي پر حڪمرانن جي ڦرلٽ سبب ھرطرف غربت ۽ بدحالي آھي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ جا ماڻھو نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا. اردو ڳالھائيندڙن سميت جن جو جيئڻ مرڻ ھتي آھي اھي اسان جا ڀائر ۽ سنڌ جو حصو آھن. قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاء نفرت جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن. حڪمران ڪيتريون بہ سازشون ڪن پر درياھ ۽ زمينن جي جدوجھد کي خاموش ٿيڻ نہ ڏينداسين. اڳواڻن چيو تہ درياھ جياپي جو ذريعو آھي، درياھ ھليو ويو تہ غلامن واري زندگي گذارينداسين. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي، جنھن ذريعي ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون، اتي قانون الڳ ھوندو. سنڌي ماڻھن لاءِ نو گو ايريا بنايا ويندا. پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو تہ پ پ حڪمران اقتدار لاء ھر ڪريل سوديبازي ڪري سگھن ٿا. سنڌ سان دشمني ملڪ سان دشمني آھي. ڌاڙيل ڪئنال ٺاھي درياھ تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو تہ پنجاب سڄو سال سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪري ٿو. ارسا ۽ واپڊا پاڻي چوري ۾ پنجاب جا سھولتڪار آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي ھا تہ لکين ايڪڙ زمين غير آباد نه ٿئي ھا. زراعت کي تباھ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو ته ھٿ وٺي ميرٽ کي ختم ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ طبقاتي تعليمي نظام آھي. پورھيت طبقي لاءِ سرڪاري اسڪول آھن ۽ حڪمران، جاگيرداري طبقي لاءِ پرائيويٽ تعليمي نظام آھي. جن وٽ پئسا آھن آھي تعليم ۽ ڊگريون خريد ڪن ٿا. پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي ويو آھي. لکين روپين کان ڪروڙين روپين تائين وڪرو ٿين ٿيون. غريب ذھين نوجوانن کي ھٿ وٺي فيل ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو آھي. اڳواڻن چيو تہ 6 نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بيابان بنجي ويندي. وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ايجنڊا تي عوام جي ترقي ناھي. ڌاڙيل راڄ قائم آھي. بدامني آھي. آئين ۽ قانون نالي ڪا شئي ناھي. اڳواڻن چيو تہ انسان دشمن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام عوام کي غلام بڻائي رکيو آھي. اڳواڻن چيو تہ سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي ڪيا ويا آھن. سڄي سنڌ بدامني جو شڪار آھي. سمورا شھر آئيس، چرس، ٺري ۽ ٻي منشيات جو اڏو بنايا ويا آھن. ڀنگ لاءِ ماڻھو اغوا ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا. اڳواڻن چيو تہ حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. سنڌ دشمن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ريگستان بنائڻ ملڪ دشمني آھي، ملڪ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. ڌاڙيلن، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي. نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے