English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو ميونسپل آفيس سامهون فائرنگ ۾ واپاري سميت 2 ڄڻا زخمي
32 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عرفان بروهي جي فائرنگ ۾ واپاري محمد عالم بروهي ۽ اسحاق بروهي زخمي ٿي پيا
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي ) ٺٽو شهر جي مرڪزي چوڪ، ميونسپل ڪميٽي آفيس جي سامهون بدمست نوجوان عرفان ولد غلام قادر بروهي اندهاڌنڌ فائرنگ ڪري بخاري محلي جي رهواسي ۽ چوپائي مال جي واپاري محمد عالم بروهي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ فائرنگ ۾ ٻيو نوجوان اسحاق بروهي به زخمي ٿي پيو۔ فائرنگ دوران واپاري جي هڪ بڪري به گولي لڳڻ سبب مري ويئي۔اکين ڏٺن شاهدن موجب بااثر نوجوان عرفان بروهي کلي عام فائرنگ ڪندو رهيو، جڏهن تہ ٻن موبائلن ۾ موجود پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ زخمي نوجوانن کي ريسڪيو به نه ڪيو۔ بعد ۾ شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي موٽر سائيڪل تي اسپتال منتقل ڪيو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو گذريل رات ڪبوترن جي چوري واري تڪرار سبب پيش آيو، جڏهن رات ڪبوتر چوري ڪري ڀڄي ويل شخص کي اڄ ڏينهن جو عالم بروهي پڪڙيو، جنهن تان مڇرجي عرفان بروهي فائرنگ ڪري ٻنهي بروهي نوجوانن کي زخمي ڪري وڌو۔ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي ملزم عرفان بروهي جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن تہ جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عرفان بروهي جي فائرنگ
0 تبصرے