سنڌو درياهه تي نوان ڊيم، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش آهن: وسند ٿري
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن، ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ، فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف گھاري شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا بعد ۾ ڪراچي-ٺٽو قومي شاهراهه تي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي. احتجاجي ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، نور نبي پليجو، رزاق چانڊيو، سلما لاشاري ۽ خالق گندرو ڪئي. ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون، ٻار، نوجوان، هاري ۽ مزدور شريڪ ٿيا. احتجاجي ريلي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي گھارو جي اڳواڻن ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، جن ڌرڻي سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حقن جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي وسند ٿري خطاب ڪندي چيو ته: "سنڌو درياهه تي وفاق پاران نوان ڊيم، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا." هن وڌيڪ چيو ته: "سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي مهم دهشتگردي آهي، سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن کي ٽوڙڻ واري ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪندي." عوامي تحريڪ سميت شريڪ پارٽين جو مطالبو هو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن، پاڻي، زمينن ۽ روزگار تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت وسيلن جي ڦرلٽ فوري طور بند ڪري.
0 تبصرے