English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 3 نوجوان فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف سندن وارثن جو ڌرڻو
views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو سجاول روڊ تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار جعفر بروهي، ذوالفقار جاکرو ۽ عباس جاکرو فوت ٿي ويا هئا
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرالر حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن پاران احتجاجي ڌرڻو، تفصيل موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي-سجاول روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار جعفر بروهي، ذوالفقار جاکرو ۽ عباس جاکرو فوت ٿي ويا هئا. ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ متاثرين جي وارثن کي انصاف نه ملڻ تي متاثرين جي خاندانن پاران مڪلي بائي پاس تي قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته احتجاج جي اڳواڻي فوتين جي وارثن شريف جاکرو، اصغر جاکرو، ارباب جاکرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڌرڻي سبب سوين گاڏيون قومي شاهراهه تي ہيھي رھيون ۽ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺٽي ۾ ھيوي ٽريفڪ جي لاپرواھي سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، پر ٽريفڪ پوليس ڀتا خوري ۾ مصروف آهي. ٽرالر سان ٽڪر ۾ اسان جا ٽي نوجوان فوت ٿي ويا، پر اڃا تائين نه ته ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آندو ويو آهي. وارثن مطالبو ڪيو ته پوليس ٽرالر ڊرائيور کي فوري طور تي گرفتار ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. احتجاجي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته احتجاج جو دائرو ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽي ۾ ٽرالر جي ٽڪر
جعفر بروهي، ذوالفقار
0 تبصرے