English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي 24هين ڏينهن ميئر ڪراچي مرتضیٰ وهاب جو ٻارن سميت دورو
214 views
|
23rd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
الله ڪراچي کي بري نظر ۽ حاسدن جي شر کان بچائي، ميئر ڪراچي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني ھيٺ 39 ڏينهن جاري ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025 جي 24هين ڏينهن ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضیٰ وهاب پنهنجي ٻارن سميت آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو دورو ڪيو. صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه ۽ فرانسيسي مصور شيفو مي به ساڻس گڏ هئا. ميئر ڪراچي اسنارڪل جي ذريعي آرٽس ڪائونسل جي عمارت تي فرانسيسي فنڪار شيفو مي پاران ٺهيل ميورل آرٽ جو جائزو ورتو، جنهن جو نالو “ڪراچي بلومز” رکيو ويو آهي ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضیٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ بوم بوم گهڻو ٿيو آهي، پر هاڻي اسان ڪراچي کي بلومز ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فرانسيسي فنڪار وڏي محنت سان هي ميورل تيار ڪيو آهي. اسان تصور به نه ڪيو هو ته اهڙو شاندار فيسٽيول ٿيندو. هڪ سؤ ٻاهتر ملڪن جا فنڪار هتي شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ شهر واسطن جي محبتون کڻي واپس پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ديوارن تي بيهوده ۽ غيراخلاقي اشتهار ڏسي سخت ڪراهت محسوس ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهو اهڙا اشتهار لڳائين ٿا، اهي پنهنجن گهرن تي لڳائن، بغير اجازت اهڙا اشتهار لڳائڻ مڪمل طور غيرقانوني عمل آهي. ميئر وڌيڪ چيو ته اسان ڪراچي کي تبديل ٿيندو ڏسي رهيا آهيون، فن ۽ ثقافت هن شهر جي اصل سڃاڻپ هئي، جيڪا وقت سان گڏ لڪل وئي هئي، پر هاڻي ٻيهر واپس اچي رهي آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته ڪراچي کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهون ٿا. مرتضیٰ وهاب دعا ڪئي ته الله ڪراچي کي بري نظر ۽ حاسدن جي شر کان بچائي. هن چيو ته سٺيون ۽ خراب ٻئي شيون هونديون آهن، پر اسان پنهنجي سٺايين سان برائين جو خاتمو ڪري سگهون ٿا. جڏهن هي شهر هلندو آهي ته سڄو ملڪ هلي ٿو. اردو زبان تمام سهڻي آهي، ۽ اسان فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ پنهنجا قدم جاري رکنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميئر ڪراچي
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي
0 تبصرے