English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ سماجي سٿ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب
132 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ۾ منعقد تقريب ۾ ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ رفاهي تنظيمن سان واسطو رکندڙ شخصيتن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ سماجي سٿ جي عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ شاندار انداز سان منعقد ٿي، جنهن ۾ ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ رفاهي تنظيمن سان واسطو رکندڙ شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي موجودگي نه صرف تقريب جي رونق وڌائي، پر هن اجتماع جي اهميت ۽ وقار ۾ پڻ نمايان اضافو آندو.تقريب ۾ نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو ويو، جڏهن ته تنظيم جي مستقبل، ڪارڪردگي ۽ سماجي خدمتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ سماجي سٿ هڪ غير سياسي پليٽ فارم طور سماجي بهتري، علمي سرگرمين، نوجوانن جي رهنمائي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن زور ڏنو ته معاشري ۾ وڌندڙ مسئلن، جهالت، بي راہ روى، منفي رُويّن ۽ ادبي بي حسي کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد وقت جو اهم تقاضو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته اهڙيون تقريبون نه صرف تنظيمي ورڪرن لاءِ حوصلو افزائي جو سبب بڻجن ٿيون، پر سماجي اتحاد، ڀائيچاري ۽ فڪر کي به هٿي وٺرائن ٿيون. سنڌ سماجي سٿ جا سرگرم فرد مختلف شعبن ۾ سماجي خدمت، تعليم، نوجوانن جي تربيت ۽ سماجي بيداري جي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن.شرڪت ڪندڙن اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت پنهنجي ذميوارين کي ايمانداريءَ سان نڀائيندي ۽ سنڌ جي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ موثر قدم کڻندي. تقريب جي آخر ۾ معزز مهمانن ۽ عهديدارن کي شيلڊز پڻ پيش ڪيون ويون، جڏهن ته حال ۾ “سندس سماج، اسان جي ذميواري” جو نعرو گونجندو رهيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ سماجي سٿ جي
عهديدارن جي حلف برداري
تقريب عوامي پريس ڪلب ملير
0 تبصرے