English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ سُڪار فائونڊيشن ۽ گرو گرين نيٽ ورڪ پاران عوامي گڏجاڻي منعقد
37 views
|
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مٺي (رپورٽر )سُڪار فائونڊيشن ۽ گرو گرين نيٽ ورڪ پاران انڊس ڪنسورشيم جي سهڪار سان مٺي، ٿرپارڪر ۾ “پبلڪ فورم 2025: سولر برابري، فاسل ٻارڻ کان نجات، ۽ پائيدار بحالي” جي عنوان سان هڪ عوامي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سماجي ڪارڪنن، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فورم دوران شرڪت ڪندڙن توانائي جي برابري، موسمياتي انصاف ۽ فاسل ٻارڻ کان تجديدي توانائي ڏانهن منتقلي جي ضرورت تي زور ڏنو.سُڪار فائونڊيشن جي جنرل مئنيجر تيرٿ جهانگي، شاھد شاھ، نديم روشن شاھ، دريا خان، گوري ڀيل، وڪيل رفيق ھنگورجو، چمن لوڪل واپاري ۽ امتاز جوڻيجو سميت ٻين ڳالهائيندڙن چيو ته توانائي پاليسين ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۽ ماڻھن کي اوليت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مقررن جو چوڻ هو ته بجليءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ توانائي تائين محدود رسائي عام ماڻهن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري حڪومت کي تجديدي توانائيءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. فورم ۾ زور ڏنو ويو ته سڀني لاءِ سستي ۽ قابلِ رسائي شمسي توانائي مهيا ڪرڻ، سولر تي لاڳو 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ، ۽ گهٽ آمدني وارن لاءِ آسان قسط وارا قرض ڏيڻ ضروري آهي. ان سان گڏ فاسل ٻارڻ تي ڀاڙڻ ختم ڪري نون فاسل منصوبن کي روڪڻ ۽ مالي ذريعا تجديدي توانائي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. ڳالهائيندڙن چيو ته موسمي انصاف لاءِ لاس اينڊ ڊيميچ فنڊ کي شفاف بڻايو وڃي ۽ متاثر عوام تائين وعدي ڪيل مالي مدد پهچائي وڃي. ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ قرض بدران امدادي سهائتا، روزگار جا موقعا ۽ عورتن ۽ نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. انڊس ڪنسورشيم جي ترجمان موجب، فورم متاثر ماڻھن جي گڏيل آواز کي اجاگر ڪيو، جيڪي منصفانه توانائي حلن ۽ موسمي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي “پيپلز چارٽر فار انرجي اينڊ ڪلائيميٽ جسٽس 2025” جي صحيح مهم سان ٿي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٿرپارڪر ۾ سُڪار فائونڊيشن ۽
گرو گرين نيٽ ورڪ
0 تبصرے