English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتالي ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري، اڀ ڏاريندڙ نعرا
38 views
|
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن جديد جي مختلف بلاڪن ۾ ڪيترن ئي هفتن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن جديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي آهي۔ علائقي جي رهواسين ۽ سماجي تنظيمن پاران لڳايل بک هڙتالي ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مرد، بزرگ ۽ ٻار شرڪت ڪئي۔ مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جهن تي لکيل هو: پاڻي اسان جو حق آهي پاڻي ڏيو، زندگي ڏيو، ۽ نااهل انتظاميا نامنظور۔شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته گلشن جديد جي مختلف بلاڪن ۾ ڪيترن ئي هفتن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي۔ بورنگ سڪي ويا آهن، واٽر ٽينڪر مافيا جي لوٽ مار عروج تي آهي، جڏهن ته انتظاميا جي بي حسي ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي۔مظاهري ۾ شامل شهرين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ موجود پاڻي جا ذخيرا انتظامي نااهلي ۽ ناقص منصوبا بندي سبب ضايع ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري پورو علائقو ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي علائقي واسين الزام هنيو ته اسٽيل مل انتظاميا، واٽر بورڊ ۽ بلدياتي عملدارن ڪيترائي ڀيرا واعدا ڪيا پر عملي طور تي ڪو به قدم نه کنيو ويو۔ ٻي پاسي، مظاهري ۾ شريڪ بزرگ شهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ته جيئن گهريلو زندگي معمول تي اچي سگهي مظاهري ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج کي وڌائي روڊ بند ڪري ۽ ڌرڻو هنيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گلشن جديد جي مختلف بلاڪن ۾ ڪيترن ئي هفتن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي: اڳواڻ
گلشن جديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾
0 تبصرے