English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح، هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن: اياز لطيف پليجي
170 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آهي. بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن.معصوم پريا ڪماري سالن کان اغوا آھي. اغوا ٿيل فضيلا سرڪي کي بہ ظاھر نٿو ڪيو وڃي. يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش ملن ٿا. غريب ماڻهن جي زندگي جھنم بنائي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي وڏيراشاهي، سرداري نظام، ڪرپشن، ڏوھن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات جو مرڪز بڻايو ويو آهي. پيپلزپارٽي جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ ۾ آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي. سڄي سنڌ پوليس ۽ ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ کي ترقي بجاء لاشن جا تحفا ڏنا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ڌاڙيلن، منشيات فروشن ۽ ڪرپٽ وزيرن ۽ بي رحم بي حس بيورو ڪريسي جي حوالي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اقتدار جي مصلحت خاطر سنڌ کي بحرانن جي دلدل ۾ اڇلايو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پنھنجي تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي، سنڌ جو پاڻي وڃي پيو ، سنڌ جون زمينون وڃن پيون ، سنڌ جو ميرٽ تباھ آهي ، سنڌ ۾ ڏوھ آهن ، بدامني آهي ۽ سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي
0 تبصرے