English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو ڌرڻو
views
|
25th May 2023
•
سنڌي خبرون
ڪروڙين جي بجيٽ ھوندی اسڪارپ کاتی ۾ ڪو به ڪم نه پيو ڪيو وڃي: اڳواڻ
نوشهروفيروز(ڊر) نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ایمپلاٸیز يونين پاران ميرٽ بدران سياسي ڀرتين ۽ اسڪارپ انجنيئر زرغام راجپر جي ڪرپشن خلاف ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ریلی جی اگوانی اقبال احمد لاڙڪ. خادم حسين۔ مری۔ ساگر يوسف منگي۔ علی نواز سولنگی ۽ ٻين چيو ته ڪروڙين جي بجيٽ ھوندی اسڪارپ کاتی ۾ ڪو به ڪم نه پيو ڪيو وڃي، انجنيئر زرغام راڄپر جعلي ووچر ٺاهي پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل انٽرويو دوران اميدوارن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو ۽ هو سخت گرمي ۾ اس ۾ بيھی انٽرويو ڏيندا رهيا. ملازمن چيو ته انجنيئر زرغام راڄپر حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي کانسواءِ ڪجهه شرپسندن سان گڏجی غير قانوني انٽرويو ورتا آھن اهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. انجنيئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ سياسي پنڊتن جی ونگار وھندی ميرٽ بدران سياسي ڀرتيون ڪرڻ چاهين ٿا. ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر کي بدلي ڪري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ملازمن پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪمشنر شهيد بينظير آباد احتجاج واري هنڌ پهچي ملازمن سان ملاقات ڪئي ۽ سمورا خدشا دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
اسڪارپ ایمپلاٸیز
يونين
0 تبصرے