درگاھ لنواري شريف فيض محمد ڪوريجو جي ورسي وارو تڪرار جاري

عمرڪوٽ ۾ ناجيه جماعت جي مريدن پارام ورسي تقريب تي پابندي جو مطالبو

درگاھ لنواري شريف فيض محمد ڪوريجو جي ورسي وارو تڪرار جاري

عمرڪوٽ(ڊ ر)درگاھ لنواري شريف فيض محمد ڪوريجو جي ورسي وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو ناجيه جماعت جي مريدن جي عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس درگاھ تي رٿيل ورسي تقريب تي پابندي ھڻڻ جو مطالبو تفصيل موجب درگاھ لنواري شريف تي مبينه طور فيض محمد ڪوريجو جي ورسي پروگرام تي پابندي ھڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي درگاھ لنواري جي مريدن ۽ خليفن محمد قاسم ساند عبدالمجيد ساند جمال ممتاز محمد رمضان محمد ڪامل ساند عبدالستار انڙ محمد علي ساند علي بخش ۽ علي محمد پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ويو آھي ته درگاھ لنواري شريف جو سجاده نشين پير محمد حسن ثاني المعروف پير حسن قادر آھي ۽ فيض محمد ڪوريجو جو قانوني طور درگاھ سان ڪو به تعلق ناھي ان جي ورسي سان وڳوڙ پئدا ٿيندو مريدن موقف اختيار ڪيو آھي ته درگاھ تي رٿيل ورسي تقريب تي پابندي لڳائي امڪاني فساد کي روڪيو وڃي اھڙا مطالبا سڄي سنڌ مان ناجيه جماعت درگاھ لنواري شريف جي مريدن عقيدت مندن فون توڙي درخواستن ۽ لکت ذريعي ڪيا آھن پر الائي ڇو بدين جي انتظاميه توڙي ايس ايس پي بدين ۽ ڊي سي بدين ان معاملي کي سنجيده ڇو نه پيا وٺن اڳي پڻ ان معاملي تي فساد ۽ نقصان ٿيو آھي جيڪڏھن آڳاھي باوجود درگاھ تي فيض محمد ڪوريجو جي ورسي ملھائي وئي ۽ امن امان خراب ٿيو ته ذميوار ايس ايس پي بدين ڊي سي بدين ۽ ضلعي انتظاميه ھوندي ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي لنواري شريف درگاھ جي مريدن ۾ پئدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي