ٺٽي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جو امڙ سميت احتجاجي مظاهرو

محمد علي تارو پنهنجي سالن هٿان اسان جي گهر تي قبضو ڪرايو آهي: جمال تارو

ٺٽي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جو امڙ سميت احتجاجي مظاهرو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ايس ٽي پي ٺٽي جي اڳواڻ جمال تارو پنهنجي والده مسمات فاطمه تارو سان گڏ مڪلي پهچي صحافين اڳيان دانهيندي الزام ھڻندي چيو آهي ته سندس علي بحر لڳ ڳوٺ علو تارو آھي، جنھن ۾ سندس گهر موجود آهن، جن تي سندس برادري جي محمد علي تارو پنهنجي سالن هٿان ٽوڙ ڦوڙ ڪرائي کيس نقصان پھچائڻ سان گڏ مذڪوره ماڻهون ڳوٺ ۾ سندس گهرن تي قبضو ڪري کيس حراسان ڪري کيس پنهنجي ئي گهرن مان بي بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، هن چيو ته ساڻس ٿيل ناانصافي جون دانھون علائقي جي معززين کي ڏيئي چڪو اھيان، پر کيس ڪٿان بہ انصاف نٿو ملي، هن آء جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان انصاف جو مطالبو ڪندي فوري طور نوٽيس وٺي سندس گهرن ۾ ٽوڙ ڦور ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري توڙ ڦوڙ ڪري سندس گھرن تي قابض ٿيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جئين ڪو لائين آف آڊر جي ڀڃڪڙي نه ٿي سگهي.