English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سوئي سدرن انتظاميا خلاف ريلي، صحافين ۽ پورهيتن تي ڪوڙن ڪيسن جي مذمت
165 views
|
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي صحافي شهزادو مستوئي، افتخار نوري، نواز سرگاني، جميل لاشاري، وهاب لاشاري ۽ ٻين ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميا ۽ گيس چوري ۾ ملوث مافيائن جي مبينا ملي ڀڳت خلاف ملير ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي صحافي شهزادو مستوئي، افتخار نوري، نواز سرگاني، جميل لاشاري، وهاب لاشاري، مختيار ڪليري ۽ نظر ڪليري ڪئي. ريلي ڌڻي پرتو ڳوٺ مستوئي چوڪ کان شروع ٿي عوامي پريس ڪلب ملير تي پهتي، جتي جنهن ۾ سماجي ،ڪارڪنن صحافين، پورهيتن ، سميت علائقي جي رهواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته سوئي سدرن انتظاميا گيس چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران حقيقتون سامهون آڻيندڙ سماجي ڪارڪنن ، صحافين خاص طور صحافي شهزادو مستوئي کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. هنن الزام هنيو ته ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پورهيت برڪت لاشاري کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.مقررین موجب گيس چور مافيا کي کليل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايماندار آواز دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ريلي دوران شرڪت ڪندڙن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، جن تي “ڪوڙيون ايف آءِ آرون نامنظور”، “گيس چور مافيا کي بچائڻ بند ڪريو” ۽ “صحافين ۽ محنت ڪشن کي انصاف ڏيو” جهڙا نعرا لکيل هئا. مظاهرين سوئي سدرن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. عوامي پريس ڪلب ملير پهچڻ کانپوءِ ريلي احتجاجي مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي، جتي مختلف سماجي، سياسي اڳواڻن ۽ صحافين خطاب ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته صحافين، سوشل ورڪرن ۽ محنت ڪشن خلاف داخل ڪيل سموريون ڪوڙيون ايف آءِ آرون فوري طور ختم ڪيون وڃن، گيس چوري ۾ ملوث مافيا ۽ انهن جي سرپرست آفيسرن خلاف شفاف جاچ ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي مڪمل قانوني تحفظ ڏنو وڃي.مقررین خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو ۽ سوئي سدرن جي آفيسن آڏو ڌرڻا هنيا ويندا. ان موقعي تي اقبال ڪلمتي، اصغر کوسو، منظور مغيري، مشتاق گبول، عدنان آرائين، عامر جتوئي ۽ ٻيا به موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ سوئي سدرن انتظاميا خلاف ريلي
ريلي ڌڻي پرتو ڳوٺ مستوئي چوڪ کان شروع
0 تبصرے