مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز

اسان جو هتي اچڻ جو مقصد اوهان سڀني جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي: محمد ارسلان سليم

مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز

نوشهروفيروز(ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم اڄ رورل هيلٿ سينٽر محراب پور ۾ قومي انسدادِ پوليو مهم جي پهرين ڏينهن تي ٽيمن جي روانگي جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن ٽيمن سان ڳالهائيندي چيو ته مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو وڃي، اسان جو هتي اچڻ جو مقصد اوهان سڀني جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هن چيو ته تمام ٽيمون پنهنجي مقرر ڪيل حدف کي سو سيڪڙو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪڏهن ڪٿي به ڪنهن قسم جي ڏکيائي پيش اچي ته فوري طور تي يو سي سپورٽ ٽيم کي آگاهه ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي دوري دوران يو سي ٽيم سپورٽ سينٽر جو پڻ جائزو ورتو ۽ چيو ته ٽيمن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. هن ٽيمن کان پهرين ڏينهن جي ٽارگيٽ بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ويڪسين جي ڪولڊ چين کي برقرار رکڻ جي سخت هدايت پڻ ڪئي.