باءِ پاس تي تيز رفتار مزدا جي ٽڪر ۾ ٺاڪر نالي شخص فوت
ٺٽو( شفيق ڀٽي) مڪلي باءِ پاس تي ٽريفڪ حادثو، هڪ شخص فوت مڪلي باءِ پاس تي تيز رفتار مزدا گاڏي جي ٽڪر سبب ٿر سان تعلق رکندڙ هندو برادري جو هڪ راهگير فوت ٿي ويو. تفصيلن موجب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ ٺاڪر جي نالي سان ڪئي وئي آهي. هو روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته اوچتو تيز رفتار مزدا گاڏي کيس زوردار ٽڪر هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس موقعي تي پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو. پوليس موجب فوت ٿيل شخص جي کيسي مان ضروري ذاتي سامان سميت هڪ لک ستر هزار (1,70,000) روپيا نقد رقم پڻ هٿ ڪئي وئي. جڏهن ته مزدا گاڏي کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے