ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت

اسپتال عملي جي غفلت سبب مائزه جوکيو تازي ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي: وارث

ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ ۾ قائم هڪ نجي اسپتال ۾ ويم دوران نوجوان عورت جي حالت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن کان پوءِ کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ پنهنجي نئين ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي. فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ مائزا، زال چمن گل جوکيو جي نالي سان ٿي آهي.وارثن الزام لڳايو آهي ته اسپتال عملي جي شديد لاپرواهي سبب ماءُ ۽ ٻار جي قيمتي جان ضايع ٿي. واقعو پيش اچڻ کان پوءِ اسپتال جو عملي فرار ٿي ويو. فوتگين جي خبر ملڻ تي خاندان ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڪرب ۽ غصي جو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ انهن انصاف جو مطالبو ڪيو.وارثن، جن ۾ فوت ٿيل عورت جو مڙس چمن گل جوکيو شامل آهي، اسپتال انتظاميا خلاف دوهي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انهن چيو ته اسپتال ۾ هلندڙ آپريشن دوران ڊاڪٽرن عورت کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن سبب هوءَ فوت ٿي وئي. وارثن جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم پڻ ڪرايو آهي ۽ اسپتال انتظاميا کي سخت قانوني ڪارروائي جوڳو قرار ڏيڻ گهرجي.اطلاع ملڻ تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس واقع جي هنڌ پهچي ۽ صورتحال تي ضابطو آندو. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ وارثن جي درخواست تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. وارثن زور ڀريو آهي ته اسپتال انتظاميا کي فوري گرفتاري ۽ انصاف ڏنو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن.