English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گڏاپ جا صدين پراڻا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسين جو احتجاج
91 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي گڏاپ تعلقي ۾ واقع صدين پراڻا ڪيترائي ڳوٺ اڄ تائين بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. گڏاپ پاور هائوس جي بلڪل ويجهو هجڻ باوجود ٿڌو ڊيم وارن علائقن سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ بجلي جو هڪ پول به لڳائي نه سگهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان بڻجڻ کان اڳ آباد ٿيل انهن ڳوٺن ۾ پاڻي جي فراهمي جو به ڪو بندوبست ناهي. متاثر ڳوٺن ۾ پارپيو گوندر ڳوٺ، حيات ڳوٺ، نوشيروان گوندر ڳوٺ، آدم گبول ڳوٺ، روزي گوندر ڳوٺ، ربو ڳوٺ، انڙ ڳوٺ، قادو ڳوٺ، مير خان گوندر ڳوٺ ۽ امام بخش گوندر ڳوٺ شامل آهن، جتي رهواسين جو چوڻ آهي ته انهن سان هميشه غيرن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هي علائقو هميشه پاڪستان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندو رهيو آهي، ۽ هر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا آهن. اليڪشن مهم دوران بجلي، پاڻي ۽ ٻين سهولتن جا وعدا ڪيا ويندا آهن، پر ڪاميابي بعد نمائندا نظر ناهن ايندا، ۽ ٻيهر صرف ايندڙ اليڪشن ۾ نون وعدن سان ديدار ٿيندو آهي. ان موقعي تي خدا بخش گوندر، فضل گوندر، علي مراد برفت، رفيق گبول، اشرف گوندر ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهن ڪندي چيو ته “ڇا اسان پيپلزپارٽي جا ووٽر ناهيون؟ جيڪڏهن آهيون ته پوءِ اسان کي بنيادي انساني حقن کان ڇو محروم رکيو ويو آهي؟” رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته حڪومتي نمائندا صرف ووٽن لاءِ نه، پر عملي طور به علائقي جي مسئلن تي ڌيان ڏين ۽ ترت بنيادن تي بجلي ۽ پاڻي جهڙيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گڏاپ جا صدين پراڻا ڳوٺ بنيادي
0 تبصرے