English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ يوٿ انگيجمنٽ ميلو منعقد
275 views
|
13th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي
نوشهرو فيروز(ڊ ر)محڪمه اسپورٽس نوشهرو فيروز پاران نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاندار يوٿ انگيجمنٽ ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. ميلي دوران تعليمي، سائنسي، ثقافتي ۽ تخليقي سرگرمين تي ٻڌل مختلف اسٽال لڳايا ويا، جتي شاگردن پنهنجي قابليتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ميلي ۾ شهرين، استادن، والدين ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي روحل احمد کوسه چيو ته نوجوانن جو ٽيلنٽ ڏسي دلي سڪون مليو آهي، اهڙا پروگرام نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن نوجوانن کي مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو معاشري لاءِ وڏو اثاثو بڻجي سگهن ٿا. ان موقعي تي معيز حسن سومرو ۽ رضوان ملاح ٻڌايو ته حڪومت سنڌ جي هدايتن تي ميلي جو انعقاد ڪيو ويو آهي ته جيئن نوجوانن جي لڪل صلاحيتن کي سامهون آڻي کين صحتمند سرگرمين ۾ مصروف رکجي ۽ سماج ۾ مثبت سوچ کي هٿي ملي. ميلي جي پڄاڻيءَ تي بهترين صحافتي خدمتون انجام ڏيڻ تي پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راجپر، ۽ ٺاروشاھ صحافين شاهد سومرو ۽ شبیر اجن کي شيلڊون ڏئي اعزاز سان نوازيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز ۾ نوجوانن جي صلاحيتن
0 تبصرے